بياض ضياء الدين ٺٽوي (قلمي)

بياض ضياء الدين ٺٽوي (قلمي)

بياض ضياء الدين ٺٽوي قلمي

بياض ضياء الدين ٺٽوي (قلمي): هي بياض ٺٽي جي نامور شاعر ۽ عالم ضياء الدين ٺٽوي ضياء جو آهي جنهن ۾ شاعريءَ جي مختلف صنفن تي طبع آزمائي ٿيل آهي ۽ ٻين ڪيترن ئي شاعرن جو ڪلام پڻ هن بياض ۾ موجود آهي. ان کانسواءِ ورد و وظائف پڻ لکيل آهي. بياض خط نستعليق ۽ خط شڪسته ۾ لکيل آهي. هن بياض جي شروعات هيئن ٿئي ٿي:
’نقل براد ديدار فياض آثار حضرت امير المومنين
علي ولي الله صلواة الله عليه در شب
اربعه يعني شب چهار شنبه اول غسل...‘
اختتام محتشم ڪاشاني جي دوازده بند مرثيه تي ٿئي ٿو پر آخري بند مڪمل نه آهي:
’خاموش محتشم که ازين شعر خونچکان
مرغ هوا و ماهي دريا کباب شد.‘
70 صفحن تي مشتمل هي قلمي بياض ضياء الدين جو ئي ڪتابت ٿيل آهي ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي قلمي نسخن ۾ محفوظ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو